فيض گنج ( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) فيض گنج جي تعلقي هيڊ ڪوارٽر پڪاچانگ ۾ قائم قديمي اسڪول، گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول پڪاچانگ جي عمارت زبون حال هئڻ سبب شاگردن جي حياتي داءَ تي لڳل آهي، ڪلاس رومز گهٽ هجڻ ڪري هڪ هڪ ڪلاس ۾ 60 کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن. گورنمنٽ بوائز اسڪول پڪا چانگ جي عمارت زبون حال هئڻ سبب ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي، جنهن سبب شاگردن جي حياتي داءَ تي لڳل. اسڪول جي عمارت ۾ ڪلاس رومز جي سخت کوٽ هجڻ ڪري سوڙهن ۽ زبون حال ڪمرن ۾ 60 کان وڌيڪ في ڪلاس روم ۾ ساگرد تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. استاد، شاگردن ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته، اسڪول جي عمارت 1968 ۾ قائم ٿيڻ بعد مرمت نه ٿيڻ ڪري زبون حال ٿي وئي آهي، جنهن سبب استادن ۽ شاگردن جون زندگيون موت جي ڇانوري ۾ تعليم جو ڏيئو روشن ڪري رهيون آهن. شهرين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي عمارت نئي سر تعمير ڪرائي وڃي .
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …