Sunday , June 15 2025
Breaking News

عورتن کي مردن جي برابر آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيا:بلاول ڀٽو زرداري

womenday

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، سنڌ حڪومت طرفان عورتن جي عالمي ڏينهن تي عورتن جي سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا 5 سيڪڙو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو آحي ته، عورتن لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ اضافو پارٽي طرفان عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ قوم جي ترقي ۾ سندن وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪرڻ واري عزم جو هڪ وڌيڪ مثال آهي.

هن چيو ته زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڪردار کي تڏهن ئي وڌيڪ موثر بنائي سگهجي ٿو جڏهن ساڻن سماجي ترقي ۾ برابر جي حصيدار طور رويو رکيو ويندو،بلاول ڀٽو زرداري زور ڀريندي چيو ته ميڊيا کي سنڌ حڪومت جي مختلف سماجي طبقن جي ترقي لاءِ کنيل  قدمن کي پذيرائي ڏيڻ گهرجي  جيڪي مسقبل تي دور رس مثبت اثرن لاءِ کنيا ويا آهن.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين اهو عزم ورجايو ته پيپلزپارٽي جڏهن مرڪز ۽ ٻين صوبن ۾ حڪومت ۾ آئي ته سنڌ وانگر مرڪز،پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان صوبن ۾ پڻ عورتن جي سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا ۾ اضافو ڪندي، بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي جي هر کاتي ۽ سرڪاري اختيارين ۾ عورتن جي نوڪرين واري ڪوٽا تي مڪمل عمل لاءِ هڪ هموار طريقي ڪار جوڙيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *