پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، سنڌ حڪومت طرفان عورتن جي عالمي ڏينهن تي عورتن جي سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا 5 سيڪڙو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو آحي ته، عورتن لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ اضافو پارٽي طرفان عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ قوم جي ترقي ۾ سندن وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪرڻ واري عزم جو هڪ وڌيڪ مثال آهي.
هن چيو ته زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڪردار کي تڏهن ئي وڌيڪ موثر بنائي سگهجي ٿو جڏهن ساڻن سماجي ترقي ۾ برابر جي حصيدار طور رويو رکيو ويندو،بلاول ڀٽو زرداري زور ڀريندي چيو ته ميڊيا کي سنڌ حڪومت جي مختلف سماجي طبقن جي ترقي لاءِ کنيل قدمن کي پذيرائي ڏيڻ گهرجي جيڪي مسقبل تي دور رس مثبت اثرن لاءِ کنيا ويا آهن.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين اهو عزم ورجايو ته پيپلزپارٽي جڏهن مرڪز ۽ ٻين صوبن ۾ حڪومت ۾ آئي ته سنڌ وانگر مرڪز،پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان صوبن ۾ پڻ عورتن جي سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا ۾ اضافو ڪندي، بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي جي هر کاتي ۽ سرڪاري اختيارين ۾ عورتن جي نوڪرين واري ڪوٽا تي مڪمل عمل لاءِ هڪ هموار طريقي ڪار جوڙيو وڃي.