Sunday , June 15 2025
Breaking News

عمر ڪوٽ ۾ جنسي وحشت جو نشانو بڻيل مستاني ناري زندگي جي جنگ هارائي وئي

عمر ڪوٽ ۾ جنسي وحشت جو نشانو بڻيل مستاني ناري سوناري جي خون سان انصاف ٿيندو؟

مٺي/ عمرڪوٽ (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار ) عمرڪوٽ ڀرسان ڪجهه ڏينهن اڳ جنسي حوس جو نشانو بڻايل مستاني ناري اسپتال ۾ علاج دوران زندگي جي جنگ هارائي وئي، وارثن جو چوڻ آهي ته رتن ڪولهي ۽ سندس ساٿي پارو ڪولهي ناري سوناري کي نشو ڏئي جنسي حوس جو نشانو بڻايو هو. ڪجهه ڏينهن ڏينهن اڳ صوفي فقير ٿاڻي جي حد راجارستي اسٽاپ تي جن ڪڍڻ بهاني مقامي ڀوپي پارو ۽ رتن ڪولهي پاران پينو فقيرياڻي سوناري اوڏ کي مبينا طور نشو ڏيڻ بعد لڄالٽ جو نشانو بڻايل ناري علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، ناري سوناري جي وارثن مگهارام اوڏ ۽ سوڍو اوڏ چيو ته واقعي کي چار ڏينهن گُذرڻ باوجود صوفي فقير ٿاڻي جي پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪيا، بااثر جوابدار الٽو اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *