Friday , April 25 2025

عام چونڊون 2018 اربع 25 جولاءِ تي ٿينديون

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو قومي ۽ صوبائي اسيمبليون پنهنجو5 سالن وارو آئيني مدو پورو ڪري رهيون آهين، صدر ممنون حسين نئين عام چونڊن جي تاريخ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 2018 جون عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿينديون. گذريل عام چونڊن جيان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن تي ٿينديون. صدر ممنون حسين اليڪشڻن ڪميشن پاران کيس اماڻيل سمري ۾ عام چونڊن لاءِ تجويز ڪيل تاريخ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. موجوده حڪومت جو آئيني مدو 31 مئي 2018ع تي ختم ٿي ويندو. جيڪو ملڪ جي 70 سالن جي تاريخ ۾ آئيني مدو ڪندڙ ملڪ جي ٽئين اسيمبلي هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا

ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *