اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو قومي ۽ صوبائي اسيمبليون پنهنجو5 سالن وارو آئيني مدو پورو ڪري رهيون آهين، صدر ممنون حسين نئين عام چونڊن جي تاريخ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 2018 جون عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿينديون. گذريل عام چونڊن جيان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن تي ٿينديون. صدر ممنون حسين اليڪشڻن ڪميشن پاران کيس اماڻيل سمري ۾ عام چونڊن لاءِ تجويز ڪيل تاريخ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. موجوده حڪومت جو آئيني مدو 31 مئي 2018ع تي ختم ٿي ويندو. جيڪو ملڪ جي 70 سالن جي تاريخ ۾ آئيني مدو ڪندڙ ملڪ جي ٽئين اسيمبلي هوندي.
Check Also
نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس بحال، نيب ترميمون رد
سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، …