Sunday , June 15 2025
Breaking News

شاهه رخ جتوئي ۽ شاهه زيب جي وارثن ۾ ٺاهه جا تفصيل طلب

ڪراچي( سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) عدالت شاهه زيب قتل ڪيس جي جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ مقتول جي وارثن ۾ ٿيل ٺاهه / صلح جا سمورا تفصيل طلب ڪرڻ لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. مقامي عدالت ۾ شاهزيب قتل ڪيس ۾ ڌرين وچ ۾ ٺاهه جا تفصيل طلب ڪري ورتا. سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان شاهه زيب قتل ڪيس جي جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جون سزائون رد ڪرڻ ۽ ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جي انت جون شقون ختم ڪرڻ بعد سيشن ڪورٽ مبينا مرڪزي جوابدار شاهه رخ جتوئي سميت ٻين جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. سول سوسائٽي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان دهشتگرديءَ جون شقون ختم ڪرڻ جي فيصلي ۽ جوابدارن جي آزاديءَ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ جي سيشن عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن جي سلسلي ۾ جوابدار شاهه رخ جتوئي، سراج ٽالپر، سجاد ٽالپر ۽ غلام مصطفيٰ لاشاري عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت مختصر ٻڌڻي کانپوءِ شاهه زيب ۽ شاهه رخ جتوئي جي گهر وارن جي ٺاهه جا تفصيل طلب ڪري ورتا، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل دليل ۽ قانوني نقطا به طلب ڪيا ويا آهن. عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي ڪيسن جا نقل فراهم ڪيا وڃن. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *