اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ لاڙڪاڻي واسڻ ڊاڪٽر ڀڳونتي ديوي جي ملڪيتن تي قبضن واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي اٽاررني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، سپريم ڪورٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته معاملي جي شنوائي 18 هين آڪٽوبر تي ٿيندي. چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار سنڌ ۾ هندو برادري جي ملڪيتن تي قبضي بابت لاڙڪاڻي واسڻ ڊاڪٽر ڀڳونتي ديوي جي وڊيو تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو، عدالت وفاقي سيڪريٽري، مذهبي معاملن ۽ انساني حقن واري سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ جي ترجمان چيو آهي ته پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تي ٿيندي، ان حوالي سان چيف جسٽس اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي سيڪريٽري، مذهبي معاملن ۽ انساني حقن بابت سيڪريٽري کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ترجمان موجب، لاڙڪاڻي واسڻ ڀڳوانتي ديوي جي ويڊيو تي چيف جسٽس نوٽيس ورتو آهي، ويڊيو ۾ عورت الزام لڳايو آهي ته جعلي ڪاغذن ذريعي سندس ملڪيتن تي قبضو ٿي ويو آهي، چيف جسٽس معاملي جو نوتيس وٺي کيس انصاف ڏياريو وڃي.
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …