Sunday , June 15 2025
Breaking News

سنڌ ڪابينا ۾ وري ڦيرڦار، آخر ڪنهنجي مداخلت تي؟

سهيل انور سيال کان اهم کاتو کسجي ويو، سنڌ ڪابينا ۾ وري ڦيرڦار، آخر ڪنهنجي مداخلت تي؟

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي سنڌ ڪابينا جي ميمبرن جي کاتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڦيرڦار ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته کاتن ۾ ڦيرڦار آصف زرداري جي منظوري کانسواءِ ڪئي وئي آهي، کاتن ۾ ڦيڙڦار وڏي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ڪئي آهي. صوبائي وزير سعيد غني کان سُڌسماءَ واري کاتي جو قلمدان واپس وٺي کيس  تعليم کاتي جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، ليبر کاتي جو قلمدان به سعيد غني وٽ ئي رهندو. سعيد غني کان سڌسماءَ وارو قلمدان واپس وٺي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه جي حوالي ڪيو ويو آهي، مڪاني کاتن وارو کاتو به ناصر شاهه وٽ ئي رهندو. جاري ڪيل نوٽيفڪيسن مطابق، فريال ٽالپر جي ان تهائي ويجهي ۽ بااعتماد ساٿي سهيل انور سيال کان اهم کاتي اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز جو قلمدان واپس وٺي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي ڏنو ويو آهي جڏهن ته صنعتن وارو کاتو به هن وٽ ئي رهندو. سهيل انور سيال وٽ اڃا به آبپاشي واري کاتي جو قلمدان وٽس ئي رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *