، سنڌ حڪومت پاران ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻن خلاف طاقت جو استعمال، پوليس جي فائرنگ ۽ شيلنگ، ملير ۾ پوليس جو وڪيلن تي وحشياڻو تشد، ڪيترائي وڪيل مرڻينگ، فيض گنج ۾ پوليس جي شيلنگ، پيرسن سماجي اڳواڻ ڪامريڊ مرتضيٰ شر سميت ڪيترائي قومپرست ڪارڪن گرفتاري بعد گم
ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، 26هين ترميم ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف ٻٻلوءِ ۾ ڪيلن جو ڌرڻو جاري، سنڌ حڪومت، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف لڳل ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري پئي، سنڌ پوليس جون گهرو کاتي جي خصوصي هدايتن تي ڪنڌڪوٽ، ملير، فيض گنج سميت مختلف هنڌن تي چڙهايون، ڪئمپون ڊاهي پٽ، ڪيترائي گرفتار.
سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنالن ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، زمينن تي والار خلاف وڪيلن پاران ٻٻرلوءِ ۾ ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اڳواڻ، سياسي سماجي اڳواڻن جي سربراهي ۾ لڳل ڌرڻو جاري، ڌرڻي ۾ سموري سنڌ مان هزرن جي تعداد ۾ قافلن جي شرڪت ۽ اڄ وڌيڪ قافلا پهچڻ جو به سلسلو جاري آهي. ڪئنالن خلاف ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي سا اظهار يڪجهتي جي سلسلي ۾ سموري سنڌ جي اڪثرت شهرن ۾ ڌرڻا، احتجاجي مظاهرا ۽ احتجاجي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهون شرڪت ڪري رهيا آهيا آهن. ڪمون شهيد، ڪنڌڪوٽ، ملير لنڪ روڊ، فيض گنج، ڏهرڪي سميت لڳل ڌرڻن ۾ مردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارڙن جو به وڏو انگ شريڪ آهي.
ٻٻرلوءِ ۾ ڏهن ڏينهن کان جاري ڌرڻي کانپوءِ ڪمون شهيد، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ۾ ڊيرا موڙ ۽ ٻين هنڌن تي لڳل ڌرڻن جي نتيجي ۾ پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند آهي، پوليس، پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن پاران پنجاب طرف ويندڙ ٽريفڪ کي مختلف لنڪ روڊس تان گذارڻ جي ڪوششن کانپوءِ انهن رستن تي به ڌرڻا هڻي ٽريفڪ بند ڪئي وئي آهي.
ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت خاص هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ گهرو کاتي سنڌ پوليس کي في الحال ٻٻرلوءِ ڌرڻي کانسواءِ سنڌ جي سمورن شهرن ۾ جتي جتي ڌرڻا لڳل آهن اُهي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. گهرو کاتي جي صوبائي وزير، آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي.
ملير ۾ گلشن حديد ويجهو نيشنل هاءِ وي تي لنڪ روڊ موڙ وٽ لڳل ڌرڻي تي پوليس صبح سوير سان چڙهائي ڪري ڪئمپ تي موجود وڪيلن ۽ شهرين کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪئمپ کي اکيڙي ڇڏي، پوليس ڪئمپ تي موجود وڪيلن ۽ ٻين شهرين مٿان وحشياڻو تشدد ڪري مرڻينگ ڪرڻ بعد پوليس موبائلن ۾ اڇاليو ۽ موبائلن اندر به تشدد ڪندا رهيا، جنهن بعد ڪئمپ ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس جي ڪيل چڙهائي دوران ڪئمپ تي موجود ماڻهن مزاحمت ڪئي، جنهن دوران چڪرين ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿي پيا، پوليس هوائي فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس فائر ڪري موجود ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڪئمپ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي.
سنڌو درياءَ مان ڪئنالن ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، زمينن تي قبضن ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي سان اظهار يڪجهتي لاءِ لڳل ڌرڻي تي فيض گنج پوليس جي اٽالن جي چڙهائي، ڌرڻي تي سڌي فائرنگ، قومپرست اڳواڻن، ڪارڪن ۽ سماجي اڳواڻن تي سڌي فائرنگ، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار، صحافين تي تشدد، ٻيهر ڌرڻو. فيض گنج ۾ پڪاچانگ ٻاهران مهراڻ هاءِ وي تي ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻي ۽ احتجاجي ڪئمپ تي پوليس آچر ڏينهن صبح جو سوير وڏن اٽالن سان چڙهائي ڪري ڏني، پوليس ڪئمپ تي موجود جسقم بشير خان قريشي جي اڳواڻن شاذ خادم، سماجي اڳواڻ ڪامريڊ غلام مرتضي شر ۽ ٻين قومپرست ڪارڪنن، سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين مٿان ڪاهه ڪري سڌي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس احتجاجي ڪئمپ لاءِ لڳل تنبو به ڪيرائي ڇڏيو. پوليس جي چڙهائي ۽ فائرنگ واري اطلاع تي علائي واسي ۽ شهري وڏي تعداد ۾ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، جتي ٻيهر احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي ۽ ٽريفڪ هڪ ڀيرو ٻيهر مڪمل طور بند ٿي وئي آهي.
رات دير سان ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل احتجاجي ڪئمپ تي پوليس چڙهائي ڪرڻ بعد هوائي فائرنگ ڪري ڌرڻو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرائي وئي، پوليس جي لٺبازي ۽ تشدد ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن.