ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَچار) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ کانپوءِ گاڏين جي ڦرن جا واقعا معمول بڻجندا پيا وڃن، ٻن ڏينهن دوران ٻه گاڏيون ڦرجي ويون آهن. آچر ڏينهن شام ڌاري سچل ٿاڻي واري علائقي مان هڪ سرڪاري گاڏي ڦرجي وئي آهي. ڦرجي ويل گاڏي لاءِ خبر پئي آهي ته، گاڏي نمبر جي ايس سي 748 سنڌ اسيمبلي جي ملڪيت آهي، جيڪا ڊرائيور جي استعمال هيٺ هئي. ان کان اڳ ڇنڇر واري ڏينهن شام ڌاري ڊفينس واري علائقي مان ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي ڪلٽس گاڏي به هٿياربند ڦر ڪري ويا هئا، جنهن جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي. تقريبن هڪ سال اڳ ڊفينس فيز ون واري علائقي مان پ پ پ جي ايم اي غلام قادر چانڊيو جي استعمال هيٺ سرڪاري لگذري ڪار به سندس ڊرائيور کان ڦرجي وئي هئي، ان بابت به اڃا تائين ڪو به اتو پتو ناهي ۽ نه ئي وري غلام قادر چانڊيو گاڏي هٿ ڪرائڻ لاءِ پوليس سان ڪا لهه وچڙ رکي آهي.
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …