Sunday , June 15 2025
Breaking News

رمشا وساڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ۽ منظور وساڻ جي ماروٽ جو پٽ گرفتار نه ٿيو

ٺري ميرواهه / ڪوٽڏيجي (رپورٽرز  سنڌسماءَچار) ڳوٺ پير گڊو ۾ هٿياربندن پاران گهر اندر داخل ٿي قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جو مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ پ پ جي سينئر اڳواڻ منظور وساڻ جي ماروٽ ماستر شاهنواز وساڻ جو پٽ آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ جتن ڪيا پيا وڃن، پوليس ڳوٺ نواب وساڻ ۽ پير گڊو ۾ ڪارروائي ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ڪيلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اصل جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران بي گناهه ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. ڳوٺ پير گڊو ۾ قتل ڪيل ناري رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار ذوالفقار وساڻ ۽ ٻين کي پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. اي ايس پي خيرپور ڊاڪٽر محمد عمران چيو آهي ته چار پنج ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، ذوالفقار وساڻ کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. ذريعن موجب پوليس ڳوٺ نواب وساڻ ۽ پير گڊو ۾ ڪارروائي ڪري پرويز وساڻ، جبار وساڻ ۽ وقار وساڻ سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڳوٺاڻن جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اصل جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران بي گناهه ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *