Sunday , June 15 2025
Breaking News

جي ڊي اي پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ گڏيل اميدوارن جي حمايت جو فيصلو

ڪراچي( چيف رپورٽر     سنڌسماءَچار) پير پاڳاري جي صدارت هيٺ ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ اپوزيشن جي گڏيل اميدوارن جي حمايت جو فيصلو. ڪنگري هائوس ۾ پير پاڳاري جي صدارت هيٺ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ گڏيل اميدوارن جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ سميت اتحاد ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ صدر الدين شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار  مرزا، حسنين مرزا سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن جي ڊي اي جي ڪاميابي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته سڀاڻي ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ گڏيل مخالف ڌر جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي حمايت ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *