ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) پير پاڳاري جي صدارت هيٺ ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ اپوزيشن جي گڏيل اميدوارن جي حمايت جو فيصلو. ڪنگري هائوس ۾ پير پاڳاري جي صدارت هيٺ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ گڏيل اميدوارن جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ سميت اتحاد ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ صدر الدين شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، حسنين مرزا سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن جي ڊي اي جي ڪاميابي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته سڀاڻي ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ گڏيل مخالف ڌر جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي حمايت ڪئي ويندي.
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …