Sunday , June 15 2025
Breaking News

اسلام آباد: فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت ڪميٽي جو اجلاس بنا نتيجي جي ختم، اجلاس ٻيهر 30جنوري تي ٻيهر ٿيندو

اسلام آباد: فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽيز جي اڳواڻن جو ٻيو اجلاس به بنا نتيجي ختم ٿي ويو آهي، اپوزيشن اڳواڻن ان ڪيمرا اجلاس ڪوٺائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حساس ادارا فوجي عدالتن واري معاملي تي بريفنگ ڏين، اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته فوجي عدالتن وارو معاملو حڪومت يا اپوزيشن نه پر رياست جو معاملو آهي، جلد حل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽيز جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اپوزيشن پاران فوجي عدالتن واري معاملي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي حسا ادارن کان معاملي تي بريفنگ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ هو ته اجلاس ٻيهر 31 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن واري معاملي تي اپوزيسن جا ڪجهه سوال آهن، جن جا جواب ملڻ ضروري آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *