اسلام آباد: فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽيز جي اڳواڻن جو ٻيو اجلاس به بنا نتيجي ختم ٿي ويو آهي، اپوزيشن اڳواڻن ان ڪيمرا اجلاس ڪوٺائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حساس ادارا فوجي عدالتن واري معاملي تي بريفنگ ڏين، اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته فوجي عدالتن وارو معاملو حڪومت يا اپوزيشن نه پر رياست جو معاملو آهي، جلد حل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽيز جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اپوزيشن پاران فوجي عدالتن واري معاملي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي حسا ادارن کان معاملي تي بريفنگ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ هو ته اجلاس ٻيهر 31 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن واري معاملي تي اپوزيسن جا ڪجهه سوال آهن، جن جا جواب ملڻ ضروري آهن.
Tags extension committee miltry courts
Check Also
ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد فوجي تحويل ۾، ڪورٽ مارشل شروع
ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد شروع، پاڪ فوج، ليفٽيننٽ …