ڪنڌڪوٽ ( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) پاڪستان پيپلز پارتي ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس وارن جي اتحاد ٿي سگهي ٿو، آصف زرداري، عمران خان ۽ طاهرالقادري کي گڏ ويهندا ته مونکي وڏي خوشي ٿيندي. ڪنڌ ڪوٽ ۾ ميرحسين رند سان سندس ڀاءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمد شاهه چيو ته، جلد سنڌ جا اهم ماڻهو مسلم ن ليگ ۾ شامل ٿيندا. شاهه محمد شاهه چيو ته آصف علي زرداري، ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان کي هڪ هنڌ ڏسي مون کي خوش ٿيندي.هن چيو ته عمران ۽ نواز شريف لاءِ عدالتن وٽ جدا جدا معيار آهن، اقامه تي نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو. شاهه محمد شاهه چيو ته عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري ڪشميري ۽ فلسطيني عوام جي حقن خلاف آهن.
Tags S M Shah Shah Muhammad shah شاهه محمد شاهه ڪراچي: شاهه محمد شاهه
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …