Friday , April 25 2025

ڪراچي ۾ رهائشي عمارتن مان ختم ڪيل پارڪنگ ايريا بحال ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي اڪثر علائقن جي رهائشي ۽ ڪمرشل پلازائن ۾ پارڪنگ لاءِ مخصوص ڪيل جاءِ کي ختم ڪري مارڪيٽس ۽ دوڪان يا وري هيلٿ اينڊ جمز سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪري خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ به ان مامري تي ويچاريو ويو آهي. چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ شهر ۾ ٽريفڪ پلان بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي افتخار شيلواني، ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهر ۾ وڏين عمارتن ۾ پارڪنگ لاءِ مخصوص ڪيل جاءِ تي غيرقانوني طور دڪان قائم ڪيا ويا آهن. چيف سيڪريٽري چيو ته جن عمارتن ۾ پارڪنگ جي جاءِ تي دڪان قائم ڪيا ويا آهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته شهر ۾ موجود پارڪنگ پلازه کي فعال ڪيو وڃي ۽ ٽريفڪ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ پارڪنگ لاءِ خاص جاءِ مقرر ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه چيو ته ٽريفڪ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ شهر جي سمورن روڊن تي ٽريفڪ سگنل بحال ڪيا وڃن ۽ روڊن تي گڏين جون لائينز ٺاهيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ حڪومت جون 50کان وڌيڪ گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي

سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *