”ڪئنالن جو منصوبو رد ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، يا اسان شهات ماڻينداسين، ڌرڻي تي فائرنگ ڪري ڊيڄارڻ وارا ايڏا بهادر
هئا ته ڀڄي ڇو ويا؟“: عامر وڙائچ
ٻٻرلوءِ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، پنجاب جا رستا بند، ٻٻرلوءِ ۾ جاري، روهڙي، چونڊڪيو روڊ، مهارڻ هاءِ وي سميت سمورا متبادل رستن تي به ڌرڻا هڻي گاڏين جي اچ وڃ بند ڪئيوئي آهي، وڪيل اڳواڻ ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته اڄ ڌرڻي تي فائرنگ ڪري ٻن ساٿين کي زخمي ڪيو ويو آهي.
ٻٻرلوءِ ۾ وڪيلن پاران سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف لڳل ڌرڻو جاري آهي، قومي شاهراهه تي ٻنهي طرفن کان ڪيترن ئي ڪلوميٽرز تائين پنجان ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن.
ٻٻرلورءِ باءِ پاس تي آڇر ڏينهن صبح جو سوير جو ٽِن گاڏين ۾ سوار اڻسڃاتل هٿياربندن ڌرڻي واري ڪئمپ ۾ موجود وڪيلن، قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪري علاج ڪري ڪجهه دير ترسائڻ بعد کي ڊسچارج ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ وڪيل اڳواڻ ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته، ڪ.نالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي زمينن تي والار خلاف جڏهن کان ڪراچي بار جي پليٽ فارم تان جدوجهد شروع ڪئي آهي ان ڏينهن کان ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن، ڪراچي ۾ حملو ڪيو ويو ۽ بي بنياد واويلا ڪئي وئي، پر اسان ڪڏهن به پنهنجي جدوجهاد کان پوئتي ناهيون هٽيا. هن چيو ته آچر ڏينهن صبح پنج کان ساڍا پنج وڳي جي درميان ويگو گاڏين ۾ سوار هٿياربندن ڪئمپ ۾ آرامي اسان جي وڪيل ۽ قومي ڪارڪنن مٿان فائرنگ ڪئي، هٿياربندن پوليس جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي ته هڪ ڳوٺاڻي هٿياربندن تي پٿراءُ ڪيو ۽ ڪئمپ تي آرما ڪندڙن کي جاڳايو، عامر وڙائچ چيو ته، گاڏين ۾ سوار هٿياربندن فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جنهن بعد وڪيل ۽ سياسي ڪارڪنن واقعي واري هنڌ تان خالي گولين جا خول به هٿ ڪيا آهن.
عامر وڙائچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا بنيادي مطالبا چار آهن پر مک مطالبو سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو مطالبو آهي، جيستائين ان منصوبي شروع ڪرڻ بابت اڳ جاري ڪيل نوٽيفيڪشن واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو اسان جو ڌرڻُ جاري رهندو پوءِ ان ۾ 10 ڏينهن لڳن يا 10 مهينا پر ڌرڻو جاري رهندو، هن چيو ته هاڻي ڪئنالن وارو منصوبو رد ٿيندو يا اسان شهادتون ماڻينداسين.
عامر وڙائچ جو چوڻ هو ته، اڄ آچر ڏينهن شام جو دير سان اسان پنهنجي ڪور ڪميٽي جو اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ آئينده جي لائحه جوڙڻ تي غور ڪيو ويندو، اسان انهن دوستن سان به صلاح مشورو ڪنداسين جن تنظيمن عملي طور اسان جي ڌرڻي ۾ شامل آهن. اها ڳالهه طئي آهي ته ڪئنالن وارو منصوبو رد ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو پر ان کي ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ سميت مختلف آپشن استعمال ڪرڻ بابت غور ڪري گڏيل طور فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻٻرلوءِ تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ قومي شاهراهه کانسواءِ روهڙي، چونڊڪو، نارو، ساگهڙ ۽ ٻين متبادل رستن تان گرڻ جي اطلاعن تي انهن علائقن جي رهوسين به ڌرڻا هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي آهي، هاڻي پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ هر قسم جي ٽريفڪ بند آهي.