Sunday , June 15 2025
Breaking News

عذرا پيچوهو جو سول اسپتال سکر جو دورو، ٻڍڙي عورت علاج لاءِ ٻاڏائيندي رهجي وئي

سکر ( رپورٽر   سنڌسماءَ چار)صوبائي وزير عذرا پيچوهو جي سول اسپتال جي دوري دوران ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف وزير جي استقبال ۾ مصروف رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀڳل ڄنگهه جي علاج لاءِ آيل ٻڍڙي عورت کي علاج جون سهولتون مهيا نه ڪيون ويو، بيڊ تي علاج ڪرڻ بدران فرش تي سمهاري عملو صوبائي وزير کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ رڌل رهيو. وارثن جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن شام کان انتظاميا انتظار ڪرڻ جو چوندي رهي ۽ اڄ وزير جي دوري جو چئي داخلا نه ڏني انڪري مجبورن خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرائي رهيا آهيون.

سکر سول اسپتال ۾ 60 سالن جي پيرسن عورت مسمات شاهجهان کي ڄنگهه ڀڄڻ سبب سول اسپتال سکر آندو ويو هو، جتي انتظاميا پاران داخلا ته ڏني وئي پر آرٿو پيڊڪ وارڊ ۾ گنجائش نه هجڻ سبب کيس بيڊ ملي نه ڏنو ويو ۽ اسپتال جي ورانببنڍي ۾ فرش تي سمهاري ڇڏيو.اسپتال ۾ بيڊ نه ملڻ سبب مريض عورت اسپتال جي اڱڻ تي رڪشا ۾ ستل رهي ۽ سندس ڀڳل ڄنگهه جو 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود علاج نه ٿي سگهيو. صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو پاران سول اسپتال سکر جي دوري دوران به پيرسن عورت ڪنهن کي نظر نه آئي. اسپتال جو ايم ايس، ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻيو عملو صوبائي وزير جي اڳيان پويان پروٽوڪول ۾ مصروف رهيو. وارثن جو چوڻ هو ته، هُو ڊاڪٽرن کي منٿون ڪندا رهيا پر سندن ڪنهن به دانهن نه ورنائي. هنن چيو ته سرڪاري اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه ڏيڻ سبب مجبور ٿي عورت کي رڪشا ۾ کڻائي خانگي اسپتال منتقل ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *