افغانستان جي اشرف غني طالبان کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سان امن افغانستان جي قومي ايجنڊا آهي، پاڪستان سان هر سطح تي گڏيل سهڪار ڪيو ويندو. پاڪستان سان امن افغانستان جي قومي ايجنڊا آهي، اهڙو امن چاهيون ٿا جنهن جا بنياد سياسي نظريي تي مشتمل هجن. افغانستان جي صدر اشرف غني ڪابل ۾ صدارتي محل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان امن افغانستان جي قومي ايجنڊا آهي، اسان پاڪستان سان گڏيل سهڪار لاءِ تيار آهيون. اشرف غني چيو ته امن جي قيام لاءِ طالبان سميت سمورين ڌرين سان ڳالهين جا دروازا کليل آهن ۽ سڀني ڏانهن امن جو هٿ وڌائي رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان سان امن افغانستان جي قومي ايجنڊا آهي، پاڪستان سان هر سطح تي گڏيل سهڪار ڪيو ويندو. افغان صدر چيو ته، خطي جي سلامتي لاءِ منطق ۽ دليل جي بنياد تي هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، دنيا کي معلوم ٿي ويو آهي ته افغانستان کي طاقت جي ذريعي ڪو ڪم ڪرڻ تي مجبور نه ٿو ڪري سگهجي.
Tags Afghan president Ashraf Ghani Ashraf Ghani
Check Also
اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا
اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا ڪراچي( …