Friday , April 25 2025

سنڌ ۾ موجود فورٿ شيڊيول ۾ شامل ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

police 4

آءِ جي سنڌ پوليس آفيسرز کي هدايت ڪئي آهي ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن تي انهن جي روح مطابق عمل کي يقيني بڻايو وڃي، پوليس سان سهڪار نه ڪندڙ فورٿ شيڊيول ۾ شامل ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري سندن بئنڪ اڪائونٽس بند ڪيا وڃن. اي ڊي خواجا جي صدارت هيٺ ٿيل ايپيڪس ڪميٽي فيصلن تي عملدارآمد ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ڊوزيزنز جا ڊي آءِ جيز ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسرز شريڪ ٿيا.

آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، مختلف عدالتن مان دهشتگردي ۽ ٻين ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏنل سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا ۽ انهن جا بئنڪ اڪائونٽس به سيل ڪيا ويندا.آءِ جي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، اي ڊي خواجا سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز سميت لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته، نيشنل ايڪشن پلان تحت ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن تي انهن جي روح مطابق عمل ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *