ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ، سڌ سماءَ کاتي ۾ 5 ارب 77 ڪروڙ رپيا ڪرپشن واري معاملي ۾ سموريون درخواستون گڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب ريفرنس ۾ نامزد سڌ سماءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شالواڻي، سارنگ چانڊيو، گلزار ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته ٻين جوابدارن به درخواستون داخل ڪرايو آهن، سڀني کي گڏ ٻڌنداسين. عدالت، سموريون درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
Tags corruption and sharjeel memon former minister شرجيل ميمڻ ڪرپشن ڪيس
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …