Sunday , June 15 2025
Breaking News

رمشا وساڻ جو خون ٻڏڻ نه ڏينداسين: اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو آهي ته رمشا جيان سنڌ ۾ ڪنهن به نياڻيءَ سان زيادتي برداشت نه ڪنداسين، سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس شميم نقوي چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت پنهنجي اسپيڪر کي سمجهائي، جڏهن به اپوزيشن ڪو اهم معاملو اٿاري ٿي ته هو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏي ٿو، اسپيڪر اهڙي روش جاري رکي ته ايوان نه هلائي سگهندو.

اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو ته رمشا جيان سنڌ جي ڪنهن به نياڻيءَ سان زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، قتل جي الزام هيٺ آيل ماڻهو بي گناهه آهن ته کين پيش ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس شميم نقوي چيو ته اسپيڪر هر اهم معاملو اٿارڻ تي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي ٿو. هن چيو ته پاپا، پَپُو ۽ پُڦِي کي چوان ٿو ته اهي پنهنجي اسپيڪر کي سمجهائين، وڏي وزير هڪ پريم پتر لکيو آهي ان بابت ٻئي ڀيري تفصيل سان ٻڌائيندس.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *