Sunday , June 15 2025
Breaking News

حيدرآباد ۽ ڄامشورو سول اسپتالن جي هيٺئين گريڊ جا 182 ملازم گهر ڀيڙا

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) صحت کاتي حيدرآباد ۽ ڄامشورو سول اسپتالز جي گريڊ هڪ کان 5 جي 182ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري صحت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ملازمن جون ڀرتيون 14 کان 18 فيبروي 2018 تائين بغير ڪنهن اشتهار جاري ڪرڻ جي ڪيون ويو، برطرف ڪيل ملازمن ۾ وارڊ سرونٽ، سُئيپَر، ڊرائيور، باورچي ۽ رجسٽريشن ڪلارڪ سميت 33 ڪيٽيگريز جا ملازم شامل آهن. صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب برطرف ڪيل ملازمن ۾ وارڊ سرونٽ، سُئيپَر ، ڊرائيور، باورچي ۽ رجسٽريشن ڪلارڪ سميت 33 ڪيٽيگريز جا ملازم شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب صحت کاتي جي ملازمن جون اهي ڀرتيون 14 کان 18 فيبروي 2018 تائين بغير ڪنهن اشتهار جاري ڪرڻ جي ڪيون ويون هيون. ياد رهي ته برطرف ڪيل ملازمن کي گذريل هڪ سال کان پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئينچ ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي هئي. ٻئي پاسي سنڌ پيرا ميڊيڪل ايسوسئيشن جي اڳواڻن لطيف اوٺو، نظر راڄپر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سول اسپتالز ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون آهن عدالتي حڪم باوجود ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته هو صحت کاتي جي اهڙي عمل خلاف عدالت ۾ ويند ۽ هر سطح تي احتجاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *