ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) صحت کاتي حيدرآباد ۽ ڄامشورو سول اسپتالز جي گريڊ هڪ کان 5 جي 182ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري صحت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ملازمن جون ڀرتيون 14 کان 18 فيبروي 2018 تائين بغير ڪنهن اشتهار جاري ڪرڻ جي ڪيون ويو، برطرف ڪيل ملازمن ۾ وارڊ سرونٽ، سُئيپَر، ڊرائيور، باورچي ۽ رجسٽريشن ڪلارڪ سميت 33 ڪيٽيگريز جا ملازم شامل آهن. صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب برطرف ڪيل ملازمن ۾ وارڊ سرونٽ، سُئيپَر ، ڊرائيور، باورچي ۽ رجسٽريشن ڪلارڪ سميت 33 ڪيٽيگريز جا ملازم شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب صحت کاتي جي ملازمن جون اهي ڀرتيون 14 کان 18 فيبروي 2018 تائين بغير ڪنهن اشتهار جاري ڪرڻ جي ڪيون ويون هيون. ياد رهي ته برطرف ڪيل ملازمن کي گذريل هڪ سال کان پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئينچ ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي هئي. ٻئي پاسي سنڌ پيرا ميڊيڪل ايسوسئيشن جي اڳواڻن لطيف اوٺو، نظر راڄپر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سول اسپتالز ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون آهن عدالتي حڪم باوجود ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته هو صحت کاتي جي اهڙي عمل خلاف عدالت ۾ ويند ۽ هر سطح تي احتجاج ڪيو ويندو.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …