Friday , April 25 2025

ايس ايس پي ملير رائو انوار کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي: ايڊيشنل سيشن جج سائوٿ ڪراچي

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار نيوز) ايس ايس پي رائو انوار عدالتي حڪمن باوجود پيش نه ٿو ٿئي، کيس گرفترار ڪري پيش ڪيو وڃي، اهڙو حڪم ڪراچي جي هڪ مقامي عدالت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ سليم شهزاد خلاف داخل قتل، هنگامو ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنو. عدالت ڪيس جي ڪارروائي دپوران رمارڪس ۾ چيو آهي ته، ايس ايس پي رائو انواز کي ڪيترائي ڀيرا نوٽيس جاري ڪري پيشس ٿيڻ جا حڪم نامه جاري ڪيا ويا آهن آحن پر ان باوجود به رائو انوار عدالت آڏو پيش نه ٿو ٿئي. عدالت حڪم جاري ڪيو ته رائو انواز کي گرفتار ڪري کيس 25 نومبر تي عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ/ڏکڻ ڪراچي رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته، ايس ايس پي رائو انوار کي ڪيترائي دفعا پيشي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، رائو انوار نوٽيس ملڻ جي باوجود پيش ناهي ٿيو. عدالت ان موقعي تي حڪم ڏنو ته ايس ايس پي ملير رائو انوار، ڊي ايس پي خالد ۽ ٻين اهلڪارن کي گرفتار ڪري 25 نومبر تائين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت ڊي آءِ جي شرقي کي حڪم ڏنو ته هو آفيسرن ۽ اهلڪارن جي حاضري يقيني بڻائي، جڏهن ته عدالت ڪيسن جي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *