Friday , April 25 2025

آغا سراج دراني پاران ووٽرز ۽ ووٽن جي تذليل ڪرڻ جو، آصف زرداري، بلاول ۽ نثار کهڙو سميت ڪنهن به نوٽيس نه ورتو

ڪراچي(اصغرآزاد سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ اسيمبلي جي سپيڪر آغا سراج دراني پاران ووٽرز ۽ انهن جي ووٽن جي جي تذليل ۽ اخلاق کان ڪريل ٻولي استعمال ڪرڻ واري مامري پ پ قيادت تي ڪو به اثر ناهي ڪيو. پ پ قيادت اڃا تائين معاملي جو نوٽيس نه وٺي ووٽرز ڏانهن پنهنجي رويي جي عڪاسي ڪئي آهي.

صوبائي تڪ پي ايس 9 شڪارپور هڪ تان چونڊيل پ پ ايم پي اي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني پاران ووٽرن ۽ ووٽن جي تذليل ڪرڻ واري معاملي جي پيپلز پارٽي جي قيادت جي ڪن تي جونءَ به ناهي چُري.

آغاسراج دراني جيڪو سنڌ اسيمبلي جي ايوان جو ڪسٽوڊين آف دي هائوس آهي، ان پاران ووٽ ۽ ووٽرن جي انتهائي تذليل ڪرڻ جو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي به ڪو نوٽيس ناهي ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *