Sunday , June 15 2025
Breaking News

آصف زرداري کي بنگلاديش ٺهڻ وارو سانحو ياد اچي ويو

ٽنڊو آدم (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري کي بنگلاديش جي ٺهڻ وارو معاملو ياد اچي ويو آهي، ٽنڊو آدم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته، اصل جنگ وسيلن جي آهي،هڪ ٻيو بنگلاديش ٺهڻ نه ڏينداسين اسين پنهنجي حقن لاءِ جنگ جاري رکنداسين. ٽنڊو آدم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان جي وڏڙن هڪ سوچ سان پاڪستان ٺاهيو، اسان جي سوچ غريبن جي بهتري لاءِ آهي. جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري مان سنڌي بدران اردو ان ڪري ڳالهائيندو آهيان ته سمجهڻ وارا سمجهي سگهن. هي هاڻي سول ايوي ايشين به اسلام آباد منتقل ڪري رهيا آهن، جنهن سان ملازم بيروزگار ٿيندا. آصف زرداري جو چوڻ هو ته موجوده حڪمرانن کي ڏڪڻي وٺي وئي آهي، هو عوام سان دوکو ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪنهن کان گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، اسان جي جنگ وسيلن لاءِ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *