Tuesday , May 13 2025

افغانستان ۾ سڃاڻپ جي دستاويزن تي پيءُ سان گڏ ماءُ جو نالو لکيو ويندو

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) هاڻي افغافستان ۾ ٻارن جي سڃاڻپ ڪارد سميت سڃاڻپ جي سمورن دستاويزن تي پيءُ جي نالي سان گڏ ماءُ جو نالو به لکيو ويندو. افغانستا جي صدر اشرف غني جي منظوري کانپوءِ ملڪ ۾ سڃاڻپ ڪارڊن سميت سڃاڻپ سان لاڳاپيل سمورن دستاويز تي تي ولديت واري خاني ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. افغان ميڊيا جي رپورٽس مطابق ملڪ اندر گذريل ڪيترن ئي سالن سالن کان سڃاڻپ ڪارڊن ۾ والد سان گڏ ماءُ جو نالو لکڻ جي به قانونسازي لاءِ مهم هلي رهي هئي، جنهن تگي آخر ڪار افغان سرڪار قانونسازي ڪري ڇڏي آهي. افغانستان جي پارليامينٽ سڃاڻپ واري قانون ۾ ترميم جي منظوري ڪجهه هجفتا اڳ ڏني هئي، جنهن تي صدر اشرف غني گذريل ڏينهن صحيح ڪري ڇڏي، جنهن بعد اهو قانون لاڳو ٿي ويو آهي. افغانستان ۾ گذريل ڪيترن ئي ورهين کان مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيم پاران  سڃاڻپ واري قانون ۾ ترميم لاءِ “ويئر از ماءِ نيم” جي نالي مهم هلائي پئي وئي، جنهن جو مقصد سڃاڻپ ڪارڊ ۽ سڃاڻپ سان واڳيل سمورن دستاويزن ۾ ولديت واري خاني ۾ پيءُ سان گڏ ماءُ جو نالو لکڻ جو مطالبو ڪيو پئي ويو. هن قانونسازي کان اڳ افغانستان ۾ عورت جي قبر تي به ان جو نالو لکڻ جي قانوني اجازت نه هوندي هئي.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d8%b3%d9%86%da%8c-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d8%a8%d9%8f%d9%86%da%8a%d8%a7%d8%b1-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%da%af%da%8f-%da%8f%d9%86%da%af%d9%8a-%d9%bb%d9%8a%d9%bd-%d8%aa%d9%8a-%d8%a8%d9%87-%d8%aa/

About Asghar Azad

Check Also

ٽرمپ حلف کڻي ورتو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان

ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *