Sunday , May 11 2025

ڪراچي، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپور خاص ۾ ٻيهر تيز مينهن جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماچار) موسميات کاتي ڪراچي ۽ ٺٽي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻيهر تيز مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ چوويهن ڪلاڪن دوران، ڪراچي، ٺٽي، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص سميت مختلف علائقن ۾ تيز مينهن وسندو. موسميات کاتي جي اڳڪٿيءَ کانپوءِ پراوينشنل ڊزاسٽر اٿارٽي / پي ڊي ايم اَي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ساحلي پٽي سميت ٿرپارڪر، ٽنڊُ الهيار، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ مينهن پوندو، انڪري ض:عي انتظاميا ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ حڪومت، اسماعيل ڏاهري کي امڙ جي لاڏاڻي تي پي-رول تي آزاد نه ڪيو

نواب شاهه / لاڙڪاڻو ( خاص نمائندا  سنڌسماءَچار) مختلف مبينا ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار اڳوڻي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *