Tuesday , May 13 2025

سعودي حڪومت سياحن کي ويزائون جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض ( سنڌسماءَ چار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي حڪمرانن ملڪ اندر سئنيمائن تان پابندي هٽائڻ بعد سيا حن کي به ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب عُمرَي جي ادائگي بعد زائرين کي سياحتي ويزا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، سياحتي ويزا جو عرصو وڌ ۾ وڌ هڪ مهينو هوندو.  جِدَي جي سياحتي ۽ ثقافتي ورثي جي ڊائريڪٽر محمد العماري هڪ پڌرائي ۾ چيو ته سڄي دنيا سان تعلق رکندڙ مسلمان عُمرَي بعد سياحتي ويزا به حاصل ڪري سگهن ٿا. ٻئي طرف سعودي ڪميشن جي چيئرمين شهزادَي سلطان بن سلمان چيو ته پهرين مرحلي ۾ 65 ملڪن کي اهڙي اجازت ڏني وئي آهي، ٻين ملڪن کي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا ڪراچي( …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *