ڪابل(سنڌسماءَچار مانيٽنرگ ڊيسڪ) افعانستان جي انار دارا واري علائقي ۾ فوجي هيليڪاپٽر اڏام دوران پهاڙي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته هيليڪاپٽر حادثي ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. افغانستان جي هڪ خابرو اداري موجب، افغانستان جي فراه صوبي جي انار دارا واري علائقي فوجي هيليڪاپٽر اوچتو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ان ۾ سوار 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. 207-ڪي ملٽري ڪمانڊر ۽ ترجمان نجيب الله نجيبي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته، ٻه هيليڪاپٽر هڪ بئي جي وييجهي فاصلي تي اڏامي رهيا هئا، جن مان هڪ اوچتي ڪري تباهه ٿي ويو. ترجمان موجب، هيليڪاپٽر ۾، فراه جي صوبائي ڪائونسل جا ميمبر، ۽ فوجي عملدارن سميت 20 ڄڻا سوار هئا ۽ سڀئي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. افغانستان جي فوجي ترجمان نورالحق خليقي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ صوبائي ڪائونسل جو سربراهه فريد بختيار، ڪائونسل ميمبرن ۾ جميله اميني، نعمت الله خليل ۽ ٻيا ميمبر به شامل هئا، جن جي نالن جي تصديق اڃا ناهي ٿي.
Check Also
اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا
اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا ڪراچي( …