ڪابل(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي وردڪ ۾ انٽيليجنس ايجنسي جي بيس تي دهشتگردن جو حملو، افغان ميڊيا موجب آپگهاتي حملي ۾ 126 اهلڪار مارجي ويا، 30 کان وڌيڪ زخمي، رپوٽس مطابق دهشتگردن ڌماڪيدار مادي سان ڀريل گاڏي انٽيليجينس اداري جي سينيٽر جي مک دروازي سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه به لڳي وئي. افغان طالبان جو افغانستان جي وردڪ صوبي ۾ انٽيليجنس ايجنسي جي تربيتي مرڪز تي دهشتگرد حملو، حملي ۾ 126 افغانستان سيڪيورٽي جا اهلاڪر مارجي ويا ۽ 50 کان وڌي ڦٽجي پيا آهن. هڪ پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي اوڀرين صوبي وردڪ ۾ طالبان انٽيليجنس جي بيس تي حملو ڪيو، دهشتگردن حملي لاءِ بارود سان ڀريل گاڏي افغان انٽيليجينس جي تربيتي مرڪز جي مک دروازي سان تيز رفتاري ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي کانپوءِ باهه به لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڍ126 فوجي اهلڪار مارجي ويا، 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. طالبان افغان انٽليجنس جي ان بيس کي نشانو بڻايو، جتي پوليس اهلڪارن کي به تربيت ڏني پئي وئي. افغان گهرو وزارت جي ترجمان نصرت رحيمي موجب ڪار ۾ سوار آپگهاتي بمبار ملٽري بيس جي مک گيٽ آڏو گاڏي کي ڌماڪي سان اڏايو،جنهن کانپوءِ 2 حملي آورن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني. ترجمان ٻڌايوته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 حملي آور به مارجي ويا.
Check Also
ٽرمپ حلف کڻي ورتو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان
ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي …