پيپلز پارٽي اڳوڻي صدر ۽ پ پ پارليامينٽيرينز جي جي سربراهه آصف علي زرداري جي دوست ملڪ رياض تي نوازشن جو سلسلو جاري آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ سمنڊ ڪناري موجود انتهائي قيمتي زمين وارو ابن قاسم پارڪ ملڪ رياض جي حوالي ڪيو ويو آهي. …
Read More »پارا چنار ۾ دهشتگردي،24انساني جانيون ضايع 90 کان وڌيڪ شهري زخمي..!!
پاراچنار کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو ويو، امام بارگاهه تي بم حملي جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 24 ٿي ويو ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پولٽيڪل انتظاميا موجب ڌماڪو پارا چنار جي وچ شهر ۾ واقع امام بارگاهه جي دروازي وٽ ٿيو. ڌماڪي …
Read More »آدمشماري ۾ ڪراچي جا لکين سنڌي ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جو خدشو….!!!
شماريات کاتي پاران ڪراچي ۾ رهندڙ پرڏيهين جي آدمشماري ۾ ڳڻپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شماريات کاتي جي جوائنٽ سينسز ڪمشنر جو چوڻ آهي ته جنهن به پرڏيهي وٽ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ هوندو ان کي ڳڻيو ويندو. شماريات کاتي ان معاملي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته، …
Read More »سکر: گٽر جي صفائي ڪندي ميونسپل جا 2 ملازم ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت
سکر ۾ گٽر جي صفائي ڪندي ميونسپل ڪارپوريشن جا 2 ملازم ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت، ملازم سراپا احتجاج، ڊرينيج بند، ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه، رستا بلاڪ ٿي ويا، رپورٽ موجب سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪميٽي 9 نئون ڳوٺ ۾ گٽر جي صفائي ڪرڻ لاءِ لٿل صفائي ڪندڙ پورهيت …
Read More »وفاق جي من ماني جاري، اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ کي حصي کان 76 ارب رپيا گهٽ جاري ڪيا
وفاقي حڪومت پاران سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جاري آهي، جنهن ۾ هر معاملي ۾ ٻه اکيائي رکڻ وارو رويو جيئن جو تيئن جاري آهي. وفاقي سرڪار پاران هلندڙ مالي سال 2016-17 جي پهرين 8 مهينن دوران سنڌ کي 76 ارب رپيا گهٽ جاري ڪري صوبي کي مالي …
Read More »نوازرشريف ۽ زرداري وچ ۾ نئين ڊيل ٿي آهي:عمران خان
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چوڌري نثار 2016 ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ڊيل جو ذڪر ڪيو، ايان علي ڇٽي وئي، زرداري به واپس اچي ويو، شرجيل ميمڻ تي 5 ارب جي ڪرپشن هئي، اهو به واپس اچي ويو، ايان علي تي 5 ڪروڙ رپيا مني لانڊرنگ …
Read More »ڊاڪٽر عاصم جي 477 ارب رپين جي مالهي گهوٽالي جيس ڪيسز ۾ ضمانت منظور، پرڏيهه نه وڃي سگهندو
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت واري درخواست تي تحريري حڪم نامو جاري ڪري سندس ضمانت منظور ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي موجب ڊاڪٽر عاصم ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهندو تحريري فيصلو 19 صفحن تي ٻڌل آهي ،عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو …
Read More »پ پ جي جيالي پارٽي پاران نظرانداز ڪرڻ تي اڳواڻن خلاف احتجاج
فيض گنج واسي پ پ جيالي اڳواڻن پاران مسلسل نظر انداز ڪرڻ تي پاڻ ساڙڻ جو چتاءَ ڏئي ڇڏيو، خبر موجب فيض گنج جي ڳوٺ صالح شر واسي هادي بخش شر گڏهه گاڏي تي پ پ جهنڊي سان گڏ احتجاج طور ڪارو جهنڊو ٻڌي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ميڊيا …
Read More »آصف زرداري منهنجي تڪ اچي پيو، کيس ڀليڪار چوان ٿو: چوڌري نثار
وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اميگريشن ڊپارٽمينٽ کي ايف آءِ اي کان الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري سان ڪابه ذاتي دشمني نه پر اختلاف راءِآهي ۽ پ پ وارا ذاتيات تي لهي ايندا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪنفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته آصف …
Read More »تعليم کاتي سميت مختلف کاتن جي آفيسرن کي 18 گريڊ ۾ ترقيون ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ
سنڌ هاءِ ڪورٽ استادن، انجنيئر ۽ انتظامي عهدن تي مقرر ملازمن سميت تعليم کاتي جي آفيسرن کي 17 گريڊ مان 18 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي تعليم کاتي جي ملازمن پاران کين ترقيون نه ڏيڻ …
Read More »