Friday , April 25 2025

پاڪستان

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس: وڏي وزير جو غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري جي گمشدگي تي احتجاج، مراد علي شاهه نواب لغاري جو ذڪر ئي نه ڪيو

وڏي وزير مراد علي شاهه آصف زرداري جي گم ٿيل ساٿين غلام قادر مري ۽  اشفاق لغاري جا نالا کڻي سندن گمشدگي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته، اکين ڏٺن شاهدن موجب غلام قادر مري کي ڄامشورو ويجهو ٻن گاڏين ۾ سوار ماڻهن کنڀيو، سندن هٿن ۾ واڪي ٽاڪيز به …

Read More »

سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيس اينڊ مينٽينسس بل 2017 تي گورنر جا اعتراض رد، بل اڪثريتي راءِ سان ٻيهر منظور

  سنڌ اسميبلي سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽيننس بل 2017 تي گورنر جا اعتراض رد ڪندي، بل ٻيهر اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو آهي، نثار کهڙو چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم بعد ٽئڪسز گڏ ڪرڻ صوبن جو اختيار آهي. سنڌ اسيمبلي سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽينسس …

Read More »

سنڌ اسيمبلي ۾ غلام قادر مري، اشفاق ۽ نواب لغاري جي بازيابي لاءِ دعا، چوڌري نثار تي تنقيد

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهن ساٿين غلام قادر مري سميت پ پ اڳواڻن جي بازيابي لاءِ دعا گهرائي وئي، صوبائي وزير امداد پتافي چيو آهي ته، وفاقي گهرو وزير غلط بياني ڪندو رهندو آهي کيس ائين ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ …

Read More »

پاڪ فوج لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

   پاڪ فوج لياري گينگ وار جي سربراهه ۽ مختلف خطرناڪ ڪيسن ۾ گرفتار عذير بلوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ” عذير بلوچ کي انتهائي اهم ملڪي راز پرڏيهي ڳجهن ادارن وٽ …

Read More »

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس: پ پ پاران غلام قادر مري، اشفاق ۽ نواب لغاري جي گمشد گين خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ اسمبلي جو اجلا 12 اپريل تي سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ حڪمران پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران وفاقي حڪومت خاص طور تي وزير اعظم نواز شريف، چوڌري نثار ۽ عابد شير علي کي خاص نشاني تي رکڻ جو امڪان آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ اسيمبلي جي 12 …

Read More »

ڀارتي ڳجهي ايجنسي “ را ” جي گرفتر ڪيل دهشتگرد کي فوجي عدالت ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڀارت  جي ڳجهي ايجنسي “ را ” جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان اندر دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرڻ ۽ ملڪي سالميت خلاف ڪم ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فوجي عدالت موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته …

Read More »

سولجر بازار ۾ اسڪول ڊاهيندڙ ناڪام، شاگردياڻيون ۽ شاگرد ڪامياب

ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ قائم تاريخي اسڪول کي ڊاهڻ واري ڪيس جي مک جوابدار ايف آءِ اي جي انسپيڪٽر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسڪول بلڊوز ڪندڙ شاگردياڻين جا حوصلا ٽوڙي نه سگهيا، 1928ع کان هلندڙ اسڪول جي ڊاٿل عمارت جي ڍير تي ٻارڙن …

Read More »

سکر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جو دهشتگرد مارجي ويو، 2 دهشتگرد ڀڄي ويا

سکر ۾ سي ٽي ڊي پوليس سان مقابلي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا، ايس پي سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دهشتگرد لشڪر جهنگوي جي نعيم بخاري گروپ جو سرگرم اڳواڻ ۽ سنڌ جو ڪمانڊر هو، ثناءُ الله عباسي جو چوڻ آهي ته مارجي …

Read More »

ٺاروشاهه: وحشي جوابدار جي 14 ورهين جي نينگري سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش، رڙين تي کيس باهه ڏئي ساڙي ماري ڇڏيو

ٺاروشاهه ۾ جوابدار پاران 14 ورهين جي  ذهني مريض نينگري سان مبينا جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش دوران دانهون ڪرڻ تي کيس  باهه ڏئي ڀڄي ويو، نينگري اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، پوليس ٻن عورتن سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٺاروشاهه …

Read More »

رينجرز جا اختيار15 اپريل تي ختم ٿيندا، گهرو کاتي اختيار وڌائڻ واري سمري وڏي وزير کي موڪلي ڇڏي

رينجرز کي سنڌ ۾ پوليسنگ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل تي پورو ٿي رهيو آهي، گهرو کاتي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ سمري وڏي وزير کي اماڻي ڇڏي آهي، وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن جو دائرو رڳو ڪراچي …

Read More »