Friday , April 25 2025

ڪراچي لاءِ پاڻي جي ڪي فور منصوبي مان ٻيو ڪنهن کي پاڻي ملندو: جسٽس(ر) امير هاني

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪي فور منصوبي تي امير هاني مسلم پڇاڻو ڪيو ته منصوبو سستي جو شڪار ڇو آهي؟ جنهن تي ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري جواب ڏنو ته هو منصوبي لاءِ پيسا ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر جن کي پيسا ڏنا وڃن ٿا اهي پنهنجي ذميواري نٿا نڀائين. ايس ٿري منصوبي تي ڪميشن سربراهه چيو ته منصوبو ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري چيو ته وفاق پيسا ڏي هو ذميداري سان خرچ ڪندا. وفاقي ناڻي واري سيڪريٽري عارف شاهه چيو ته صوبائي حڪومت جيترا پيسا گهري پئي اهي نٿا ڏئي سگهن. پاڻي ڪميشن سربراهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري ته سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ ڪنداسين، وفاق جا خدشا درست آهن. امير هاني مسلم، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته هتي تمام گهڻا مسئلا آهن، ٺيڪيدار ۽ ڪنسلٽنٽ سنڌ حڪومت تي ذميواري وجهي رهيا آهن، جڏهن ته اوهان جو  ملير جو ڊپٽي ڪمشنر به ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ٻڌايو ته اهو ائين ڪيستائين هلندو رهندو؟

ڪميشن سربراهه چيف سيڪريٽري کي چيو ته ائين هلندو رهندو ته پوءِ ڊي سي ملير کي فارغ ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ وفاق سيڪريٽري، ايس ٿري منصوبي لاءِ هڪ ارب 35 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *