Friday , April 25 2025

پي ايس 7 گهوٽڪي تي ننڍي چونڊ ۾ هڪ ڀرچونڊي جي پير کي ناڪامي

گهوٽڪي( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 7 تي ننڍي چونڊ ۾ فنڪشنل ليگ جي اميدوار ڀرچونڊي درگاهه جي پير کي پ پ اميدوار شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

گهوٽڪي جي پي ايس 7 تي ٿيل ننڍي چونڊ جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق پيپلزپارٽي جو اميدوار عبدالباري پتافي 48 هزار 114 ووٽ کڻي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. پ پ جي مخالف فنڪشنل ليگ اميدوار ميان عبدالمالڪ عرف ميان مـُجـَن 36 هزار 982 ووٽ کڻي سگهيو آهي.

گهوٽڪي جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته، پيپلز پارٽي جي کٽڻ جو اصل ڪارڻ انهن جي ڪارڪردگي نه پر، فنڪشنل ليگ پاران اميدوار جي سليڪشن مناسب نه هجڻ آهي. علائقي واسين موجب جيڪڏهن فنڪشنل ليگ جي ايندڙ عام چونڊن ۾ به اهڙي ئي سليڪشڻ رهي ته پوءِ پي ايس 7 تي سندن ڪاميابي جو ڪو به چانس نه ٿو لڳي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *