Sunday , April 28 2024

ڪراچي ۾ 6 ماڙ کان وڌيڪ فلورز تي فليٽ خريد ڪندڙن شهرين کي رقم واپس ڪئي وڃي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر      سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ، ڪراچي ۾ 6 ماڙ عمارتن جي اڏاوت ڪرڻ جي اجازت ڏيندي 6 ماڙ کان وڌيڪ عمارت اڏڻ تي ڪارروائي ڪرڻ ۽ 6 هين فلور کان وڌيڪ فلورز تي فليٽس خريد ڪندڙن کي فوري طور رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته فليٽ خريد ڪندڙن کي بلدرز کان رقم واپس ڪرائي وڃي.

چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت تي پابندي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. بلڊرز جي وڪيل دليل ڏنو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ نه آهي پر پهچائڻ جو مسئلو آهي، اڍائي سئو رپين وارو ٽينڪر 4 هزار رپين ۾ ملندو آهي، جهن تي چيف جسٽس چيو ته ٿوڙي همت ڪري ٻڌايو ته ٽينڪر مافيا سان ڪهڙا وڏا ماڻهو ملوث آهن. وڪيل چيو ته هو ته اين ايل سي کان پاڻي خريد ڪندو آهي، جنهن تي ميان ثاقب نثار چيو ته جيڪڏهن وڏن ماڻهن جو نالو نه ٻڌائيندا ته اسان ڪيئن ڪارروائي ڪري سهگنداسين؟ نالا ۽ شاهديون ڏيو ته هائيڊرينٽس ئي بند ڪرائي ٿا ڇڏيون.

ايڊووڪيٽ منيب پيرزادو دليل ڏنو ته هتي هڪ نه پر ڪيتريون ئي مافيائون آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مجيب صاحب اسان کي خبر آهي، اوهان بهادر ماڻهو آهيو اسان کي نالا ٻڌايو، اسان اهي نالا اوهان کان ٻڌڻ چاهيون ٿا. وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت، ڪراچي ۾  6 ماڙ عمارتون اڏڻ جي اجازت ڏني ۽ حڪم جاري ڪيو ته 6 ماڙ کان وڌيڪ عمارت اڏڻ تي ڪارروائي ڪري فليٽ خريد ڪندڙن کي لاڳاپيل بلدرز کان رقم واپس ڪرائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *