Monday , June 16 2025
Breaking News

2010۾ ڀرتي ڪيل 8 هزار استاد پڪا ٿي ويا، اين ٽي ايس پاس استادن وارو معاملو وچ تي ڦاٿل

ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَچار) سنڌ سرڪار سنڌ يونيورسٽي جي 2010ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ 8 هزار استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، استادن کي 15 ڏينهن اندر ضلعي سطح تي آرڊر جاري ڪيا ويندا، اين ٽي ايس پاس استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو جاري آهي. سنڌ سرڪار 2010 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 8 هزار استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن کي 15 ڏينهن اندر ضلعي سطح تي آرڊر جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي اين ٽي ايس پاس استادن جو پڪو ڪرڻ وارو مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري سندن ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو جاري آهي. اين ٽي ايس پاس استاد اڳواڻن شفيع محمد سٺيو، فتاح صالح ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سندن مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *