Sunday , June 15 2025
Breaking News

نواز شريف سميت دنيا جي ڪرپٽ شرفاءَ کي بي نقاب ڪندڙ صحافي ڊيفني ڪيورنا گليزيا بم ڌماڪي ۾ ماري وئي

واليٽا (سنڌسماءَچار نيوز) دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن، چونڊيل عوامي نمائندن، واپارين شرفاءَ ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن کي بينقاب ڪري سندن اصل چهرا دنيا آڏو پڌرا ڪندڙ مالٽا رياست جي صحافي ڊيفني ڪيورنا گليزيا هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ مارجي وئي آهي. ڊيفني ڪيورنا گليزيا پاناما پيپرز ۾ ڪرپٽ ماڻهن خلاف اسٽوريز هلائي مشهوري ماڻيندڙ کي سندس گهر ڀرسان ئي ڌماڪي ۾ اڏايو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب مالٽا جي راڄڌاني واليٽا ۾ 53 ورهين جي مشهور صحافڻ ڊيفني پنهنجي ڪار ۾ وڃي رهي هئي ته گهر کان ڪجهه فاصلي تي سندس ڪار بم ڌماڪي ۾ تباهه ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ ٿڏي تي مارجي وئي، ڌماڪو ايترو ته شديد هو جو سندس گاڏي روڊ کان پري ٻني ۾ وڃي ڪري پئي، ڊيفني انويسٽيگيٽو جرنلسٽ هئي. هن 2016ع ۾ وزيراعظم جوزيف مسقط جي گهرواريءَ مچل ۽ ٻين حڪومتي شخصيتن جي آف شور ڪمپنين جو ڀانڊو ڦاڙيو هو. ڊيفني ڪيورنا گليزيا پنهنجن لکڻين ۾ حڪومت مٿان تنقيد ڪندي هئي 2 هفتا اڳ هن ڌمڪيون ملڻ بابت پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي هئي، هوڏانهن مالٽا جي وزيراعظم حملي کي بربريت قرار ڏيندي چيو آهي ته ڊيفني تي حملو اظهار جي آزادي تي حملو آهي، ٻئي طرف مالٽا جي اپوزيشن ليڊر ايڊريان ڊيلٽا واقعي کي سياسي قتل قرار ڏنو آهي، صحافي مارڪ ميڪاليف جو چوڻ آهي ته ڊيفني کي گهر کان ڪجهه ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ اڏايو ويو، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا ڪراچي( …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *