Sunday , June 15 2025
Breaking News

لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ڪرپشن جو راڄ، ايم ايس بعد آفيس سپرنٽينڊنٽ گرفتار

لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم چانڊڪا اسپتال ۾ ڪارروائي ڪري آفيس سپرنٽينڊنٽ کي ڪرپشن الزام هيٺ گرفتارڪري ورتو، قاضي احمد ۾ آبپاشي آفيس تي ڇاپي دوران رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، نوابشاهه ويجهو پرائمري اسڪول تي اينٽي ڪرپشن ڇاپو هڻي فنڊن جو رڪارڊ ضبط ڪري ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن ٽيم چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ڪارروائي ڪري آفيس سپرنٽينڊنٽ الطاف سومري کي گرفتار ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب الطاف سومري تي  مختلف ڪمن جي ايڊوانس پئمنٽ جاري ڪرڻ ۽ ڪوڙا بل ٺاهڻ جو  ڪيس  داخل آهي، جنهن تحت ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي ٽيم نوابشاهه جي بوائز پرائمري اسڪول ڄام آفتاب انڙ تي ڇاپو هڻي ايس ايم سي فنڊن جو رڪارڊ ضبط ڪري ڇڏيو. ڇاپي دوران اينٽي ڪرپشن ٽيم اسڪول جي اڳوڻي هيڊ ماستر مير محمد هوٿيپوٽو ۽ ايس ايم سي چيئرمين انور اوٺو کي اينٽي ڪرپشن آفيس پڻ طلب ڪري ورتو.

قاضي احمد ۾ اينٽي ڪرپشن  ٽيم آبپاشي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جنهن دوران  عملو آفيس مان فرار ٿي ويو.اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر يار محمد رند جو چوڻ هو ته مختلف واهن جي کاٽي جي مد ۾ ڪرپشن جون شڪايتون مليون آهن، جنهن تي ڪارروائي ڪري رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *