Friday , April 25 2025

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس: پ پ پاران غلام قادر مري، اشفاق ۽ نواب لغاري جي گمشد گين خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو فيصلو

Nawab Laghari Ghulam Qadir Marri 1

سنڌ اسمبلي جو اجلا 12 اپريل تي سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ حڪمران پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران وفاقي حڪومت خاص طور تي وزير اعظم نواز شريف، چوڌري نثار ۽ عابد شير علي کي خاص نشاني تي رکڻ جو امڪان آهي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ اسيمبلي جي 12 اپريل واري اجلاس ۾ پيپلز پارٽي وفاقي سرڪار خلاف باقائدگي سان تياري ڪئي آهي.

پ پ ايم پي اي ٻڌايو ته، اجلاس دوران وزير اعظم نواز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي کي سڌي نشاني تي آڻي تنقيد ڪئي ويندي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾، پ پ پاران آصف علي زرداري جي ويجهن ساٿين غلام قادر مري سندس ساٿين، اومني گروپ جي ڪنسلٽنٽ اشفاق لغاري ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار نواب لغاري جي مبينا طور کنڀجي وڃڻ واري مامري خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *