سنڌ جي چييف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ آدمشماري جي انتظامن بابت ٿيل اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملي جي رهائش، آدمشماري ۾ حصو وٺندڙن کي اچ وڃ جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو، جنهن دوران اهم نقطن تي اتفاق ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڪمشنر ڪراچي ۽ فائيو ڪور جي نمائندن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مارچ تي آدمشماري جي انتظامن جي حوالي سان ڊويزنل ڪمشنرز، ڊي سيز ۽ ٻين آفيسرن جي اجلاس ۾ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.
Tags census meeting CS Rizwan Memon preside meeting
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …