Sunday , June 8 2025
Breaking News

سنڌ جي ڪچي جون زمينون نجي ڪمپنين کي ليز تي ڏيڻ جو عمل آخري مرحلي ۾ داخل

سنڌ حڪومت ڪچي جي زمين گرين پاڪستان انيشيٽو تحت نجي ڪمپنين کي ليز تي ڏيڻ واري ڪم تي تيزيءَ سان عمل شروع ڪري ڇڏيو، ڄامشورو ۽ مٽياري ضلعن ۾ زمين جون جي آخري هفتي تائين الاٽ ڪري ڪمپنين حوالي ڪئي ويندي

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت سنڌ جي ڪچي جون زمينون نجي ڪمپنين کي ليز تي ڏيڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، پهرين مرحلي ۾ ڄامشورو ۽ مٽياري ضلعي جي ٻيلي کاتي جي86هزارن کان وڌيڪ ايڪڙ زمين نجي ڪمپنين حوالي ڪرڻ جو پهريون80سيڪڙو مڪمل. وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ شروع ڪيل گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت سنڌ ۾ زمينن جي الاٽمينٽ وارو عمل تيز ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق ڄامشورو ۽ مٽياري ضلعن جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻيلن جي زمين نجي ڪمپنين کي ليز تي ڏيڻ لاءِ آڪشن / آڇن وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ٻنهي ضلعن جي 86 هزار 400 ايڪڙ زمين مختلف نجي ڪمپنين کان آڇون گهرايون ويون آهن، جنهن تحت ڪمپنين کان ڊپازٽ/ ضمانتن جي مد ۾ 10-10ڪروڙ رپيا به جمع ڪيا ويا آهن. مليل ڄاڻ مطابق ڄامشورو ۽  مٽياري ضلعن جي 18 ٻيلن جي 86 هزار 400ايڪڙ زمين 44 سالن جي ليز تي ڏيڻ لاءِ يارنهن آڃون گهرايون ويون آهن.

آبپاشي کاتي ۽ ٻيلي کاتي جي ذريعن کان سنڌسماءَچارکي مليل ڄاڻ مطابق سنڌ حڪومت مٽياري ضلعي جي سعيد آباد واري علائقي جي بٺو ٻيلو، ڪيلي بٺو ٻيلو، راڻو، نور ڪي ٽي، نورل آباد، ڪاري ٻيلو، رشال ٻيلو، پڪو ڀاڻوٺ، ڪچو ڀاڻو ٻيلو جي زمين 44سالن جي ليز  تي نجي ڪمپنين حوالي ڪئي ويندي. گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت ڪچو خانوٺ، پڪو خانوٺ، سالارو ون، سالارو ٽو، رئيس مريد، خيبراڻي ٻيلي جي زمين شامل آهي.

سنڌ حڪومت ڄامشوري ضلعي اندر مانجهند راڄڙي ٻيلو ۽ انڙپور ٻيلو شامل آهن جن جون زمينون نجي ڪمپنين کي ڏيڻ لاءِ گهرايل آڇن تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. ٻيلي کاتي جي هڪ عملدار نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ليز تي زمين ڏيڻ بابت ٻيلي کاتي جي ٽينڪيڪل ڪميٽي گهرايل آڇن جو رڪارڊ مطابق جائزو وٺي رپورٽ لاڳاپيل اختيارين جي حوالي ڪري چڪي آهي، ڇو ته ڪهڙي ۽ ڪيتري زمين ڪهڙي ڪمپني کي ليز تي ڏيڻي آهي اهو به تقريبن اڳواٽ طئي ٿي چڪو آحي، صرف ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ لاءِ گهربل مرحلا پورا ڪيا پيا وڃن ۽ ان جي آفيشل انائونسمينٽ / ليز جاري ڪرڻ وارو ڪم رهيل آهي، هن ٻڌايو ته اهو ڪم به جون جي آخري هفتي تائين مڪمل ڪرڻ جون هدايتون مليل آهين.

About admin

Check Also

سنڌ پوليس هٿان شهيد عرفان لغاري جو زبردستي کنيل لاش گچيرو ٿاڻي تي ايمبولينس ۾ ڊي_ڪمپوز ٿيڻ لڳو

حيدرآباد سول اسپتال مان پوليس پاران زبردستي کنيل شهيد عرفان لغاري جو لاش مورو ويجهو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *