Sunday , June 8 2025
Breaking News

مورو ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف پرامن احتجاج، پوليس جي لٺبازي، هڪ نوجوان شهيد 7 مرڻينگ

مورو / نوشهروفيروز( خاص نمائندن وٽان سنڌسماءَچار) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مورو ۾ قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهري دوران پوليس جي لٺبازي، مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون، پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ قومپرست ڪارڪن شهيد، 7 کان وڌيڪ زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي،4پوليس اهلڪار به زخمي. اکاري ڏينهن شام ڌاري مورو ۾ قومي شاهراهه تي قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ليز تي ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري رهيا هئا ته پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪري ڏني، اکين ڏٺن شاهدن موجب احتجاج ڪندڙ قومپرست ڪارڪن وچ ۾ چڪريون شروع ٿيون ۽ پوليس فائرنگ ڪري  ڏني، پوليس جي فائرنگ ۾ احتجاج ڪندڙ 7 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيا، پوليس جي فائرنگ ۾ نوجوان زاهد لغاري به شامل هو جيڪو سخت زخمي ٿي  پيو. زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران ڪجهه ماڻهن احتجاج واري هنڌ جي ويجهو ئي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي قائم بنگلي مان به فائرنگ شروع ٿي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏسندي  ئي ڏسندي گهرو وزير جي گهر کي باهه لڳي وئي ۽ ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي. مڇريل ماڻهن قومي شاهراهه تي بيٺل ٽرالرز ۽ آئل ٽئنڪرز کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان دوران پوليس جي وڌيڪ نفري واقعي واري  هنڌ پهچي وئي، ڪيتي ئي دير تائين پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ چڪريون جاري رهيون، جنهن سبب مورو شهر به مڪمل طور بند ٿي ويو، ڪيترائي شهري به احتجاج واري هنڌ پهچي ويا.

پوليس جي فائرنگ ۽ لٺبازي جي نتيجي ۾ زخمي قوپرست ڪارڪنن ۾ 32 ورھين جو عرفان پٽ دربان لغاري، 30 ورھين جو شهمير پٽ محمد رمضان پڃارو ۽ 30 ورھين جو زاھد حسين پٽ الله بچايو لغاري زخمي ٿيا هئا انهن کي  نواب شاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 30 ورھين جو زاھد حسين پٽ الله بچايو لغاري زخمن جا سور نه سھندي فوت تي ويو ، جڏهن ته شھيد بينظير آباد ضلعي جي پوري پوليس نفري نواب شاهه اسپتال اندر پھتل ڪيترائي بالا آفيسرن موجود.

گهرو وزير جو خاص ماڻهو وڏيرو افضل سولنگي فائرنگ  ڪندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزير جي بنگلي مان سنسدس ويجهي ساٿي وڏيري افضل سولنگي احتجاج ڪندڙن تي سڌي فائرنگ ڪندو رهيو، فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جن مان هڪ زخمي زاهد لغاري زخمن جي سٽ  نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. جنهن کانپوء ايس ايس پي نوشهرو فيروز سنگهار ملڪ ۽ ايس ايس پي شهيد بينير آباد جي سربراهي رات دير تائين ڪارروايون جاري رهيون، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙ ڪيترن ئي قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

مورو ۾ قومرپست جماعتن جي ڪارڪنن پاران پرامن احتجاج تي پوليس لٺبازي ۽ فائرنگ ۾ هڪ ڪارڪن جي شهيد ٿيڻ ۽ 7 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي سياسي سماجي اڳوانن، ڪارڪنن، وڪيلن توڙي عام ماڻهن پاران واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي پئي وڃي ۽ واقعي جو ذميوار پوليس خاص طور ايس ايس پي نوشهرو فيروز سنگهار ملڪ کي قرار ڏنو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو پيو وڃي ته واقعي جي اعليٰ سطحي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.

About admin

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *