وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ لاءِ ڪمون شهيد، ڊيرا موڙ ۽ ڪراچي ۾ به ڌرڻا هڻڻ ۽ عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته احتجاجي تحريڪ طور عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو، ان لاءِ ابتدائي طور تي ٽوڪن اسٽرائيڪ ڪئي ويندي، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن وارن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اهي به هڙتال ڪندا، ان لاءِ لائحه عمل ڊاڪٽر دوست پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ بعد اعلان ڪندا: عامر وڙائچ
ٻٻرلوءِ / سکر( خاص نمائندا سنڌسماءَچار) وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ لاءِ ڪمون شهيد، ڊيرا موڙ ۽ ڪراچي ۾ به ڌرڻا هڻڻ جو اعلان. ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ جي سربراهي ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ صلاح مشوري بعد عامر وڙائچ ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، ڪئنالن خلاف اسان جي جاري تحريڪ جاري آهي ۽ جاري رهندي، ٻٻرلوءِ وارو ڌرڻو جاري رهندو، هن چيو ته اجلاس ۾ گڏيل صلاح مشوري سان فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي ڪمون شهيد، ڊيرا موڙ ۽ ڪراچيءَ ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، اسان جو مک مطالبو سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو مڪمل طور واپس وٺي منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو ايستائين سمورا ڌرڻا جاري رهندا، هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته احتجاجي تحريڪ طور عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو، ان لاءِ ابتدائي طور تي ٽوڪن اسٽرائيڪ ڪئي ويندي، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن وارن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اهي به هڙتال ڪندا، ان لاءِ لائحه عمل ڊاڪٽر دوست پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ بعد اعلان ڪندا.
عامر وڙائچ جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۾ استاد تنظيمن پاران به احتجاج / هڙتال ڪرڻ تي غور ڪيو ويو پر متفقه طور فيصلو ڪيو آهي ته في الحال تعليمي ادارن ۾ هڙتال ڪري شاگردن جي تعليم متاثر نه ڪنداسين، ان ڪري تعليمي ادارن ۾ هڙتال واري تجويز تي عملدرآماد في الحال روڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ ڌرڻي لاءِ ڪراچي بار جا دوست صلاح مشورو ڪري ڌرڻي جو هنڌ طئي ڪندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي ڌرڻي لاءِ به هاڻي کان ئي صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، پر اهو طئي آهي ته اُهي ٽَئي ڌرڻا سڀاڻي 22هين اپريل اڱاري ڏينهن کان لڳايا ويندا. عامر وڙائچ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ وارو مسئلو به اسان جي تحريڪ جو اهم نڪتو آهي، پر مک مطالبو ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ عامر وڙائچ چيو ته پيپلزپارٽي جو يا سنڌ حڪومت جو اسان سان هيل تائين ڪو به رابطو ناهي ٿيو، سکر واري جلسي ۾ شرڪت جي ڪا به دعوت ناهي ملي جيڪڏهن باضابطا طور دعوت ڏني وئي ته جلسي ۾ شرڪت لاءِ اسان جي ڪميٽي فيصلو ڪندي.