Sunday , June 15 2025
Breaking News

پي ٽي آءِ جي دوستن کي چوان ٿو ته باني کانسواءِ ملڪ ۾ ٻيا به مسئلا آهن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (نيوز ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي پٺيان عالمي سازشون آهن، پي ٽي آءِ جي دوستن کي چوان ٿو ته باني کانسواءِ ملڪ ۾ ٻيا به مسئلا آهن، لاهور تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، دهشتگردي، امان امان ۽ قومي معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ اڻٽر آهي بڻجي وئي آهي، ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر پيپلزپارٽي ئي رهي آهي، اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين، سمورو پاڪستان متحد ٿئي جيئن دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهجي، پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو ٻيهر اجلاس سڏائڻ گهرجي.

About admin

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *