سانگهڙ (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سانگهڙ جي ڳوٺ جاني جوڻيجو تي حملي ۾ مارجي ويل ٽِن ڳوٺاڻن جي قتل ۽ 15 زخمين جو ٽَي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿيو، سانگهڙ پوليس وارثن جي مرضيءَ مطابق ڪيس داخل ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، وارثن جو چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري، ڪيس داخل ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان. چوٽياريون ويجهو ڳوٺ جاني جوڻيجو تي گذريل آچر ڏينهن هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويل ٽِن ڳوٺاڻن علي بخش جوڻيجو، مشتاق جوڻيجو ۽ عبدالرسول جوڻيجو جي قتل ۽ 15 ڳوٺاڻن جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهي. وارثن جو سانگهڙ پريس ڪلب آڏو لاش رکي ٽِن ڏينهن کان ڌرڻو جاري، متاثر ڳوٺاڻن جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻا عورتن سميت سخت سيءَ باوجود ڌرڻو هڻي ويٺل آهن. پيپلزپارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ڌرڻي ۾ پهچي چيو ته، ڳوٺاڻن تي حملو ڪري 3 ماڻهو قتل ڪيا ويا،15ماڻهو زخمي به ٿيا جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. مخدوم جميل الزمان چيو ته اسان ڳوٺاڻن سان گڏ آهيون، هُو ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي منٿ نه ڪندو، ڳوٺاڻن جو قانوني حق آهي ته متاثرن جو سندن مرضيءَ مطابق داخل ڪيو وڃي.
Check Also
ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …