Friday , May 3 2024

ڪرونا جي روڪٿام لاءِ سنڌ ۾ نيون ايس او پيز لاڳو، بازارون شام 6 وڳي بند

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪرونا جي تيزي سان پکيڙ روڪڻ لاءِ نيون ايس او پيز لاڳو ڪيون ويون آهن، سموريون بازارون، شام 6 وڳي بند  ڪيون وينديون، شادي هالز/ چار ديواري اندر وهانءَ جي تقريبن تي پابندي، کليل ميدانن ۾ شادي ۽ ٻين تقريبن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ نه ٿي سگهندا. سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي صوبي ۾ ڪرونا جي روڪٿام لاءِ نيون ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيون آهن، جاري  ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سڄي سنڌ ۾ سمورا شاپنگ سينٽرز، بازارون ۽ ٻيا دوڪان صبح6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رهندا، شادي هالن اندر ڪنهن ٻئي هنڌ چارديواري اندر شادين جون يا ٻيون تقريبون ڪرڻ تي پابندي هوندي، شادي سميت سمورين تقريبن ۾ ايس او پيز تحت 200 کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت نه ڪري سگهندا. نجي ۽ سرڪاري آفيسز، بازارن سميت گهرن کان ٻاهر نڪرندڙ سمورن ماڻهن کي ماسڪ لازمي پائڻي پوندي ٻي صورت ۾ ڏنڊ سميت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوٽلن اندر کاڌو پيتو مهيا ڪرڻ پابندي هوندي، پر کليل هنڌ هئڻ جي صورت ۾ کاڌو مهيا ڪري سگهندا.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d9%84%d9%85%d8%b3-%da%84%d8%a7%d9%85%d8%b4%d9%88%d8%b1%d9%88-%d8%ac%d9%8a-%d9%be%d8%b1%d9%88-%d9%88%d9%8a-%d8%b3%d9%8a-%d9%8a%d9%88%d9%86%d9%8a%d9%88%d8%b1%d8%b3%d9%bd%d9%8a-%db%be-%d8%a8%d8%a7%d8%af/

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *